سيد محمد ڪامل شاهه

سيد محمد ڪامل شاهه: سيد ڪامل شاهه ولد سيد قبول محمد شاهه، 1874ع ڌاري سعيدپور، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. هي سيد مٽياري سيدن جي ميين پوٽي پاڙي مان هو. هن جي وڏي ڏاڏي ميان محمد ’سعيد شاهه‘ ٻارهين صديءَ ڌاري، هنڱورن جي ڳوٺ مان لڏي اچي ٽنڊي محمد خان جي ويجهو پنهنجو ڳوٺ ٻَڌايو، جنهن جو نالو ’سعيدپور‘ رکيو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. فارسيءَ جي تعليم مولوي محمد ابرهيم قريشيءَ کان حاصل ڪيائين. هن پنهنجي محنت ۽ سماجي خدمتن ڪري آسپاس جي علائقن ۾ تمام گهڻو نالو ڪمايو. انهيءَ سبب هن کي ضلعي لوڪلبورڊ جو ميمبر چونڊيو ويو. جڏهن 1921ع ۾ نون سڌارن موجب سنڌ کي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل تي وڌيڪ عيوضي ملي ته انهيءَ سال کان هي زميندار ۽ جاگيردار تڪ تي ميمبر چونڊجڻ لڳو، جيڪو 1936ع تائين هلندو آيو. هي ٽنڊي محمد خان ڊويزن جي زميندار ۽ آبادگار ائسوسيئيشن جو سالن جا سال صدر چونڊيو رهيو، ان کانسواءِ هي ٽنڊي محمد خان جي لوڪلبورڊ جو به ڏهاڪو سال صدر رهيو.
جي. ايم. سيد پنهنجي ڪتاب ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين‘ ۾ لکي ٿو ته: ”بمبئي ڪائونسل ۾ هو پنهنجي حد مان جنهن جي مدد ڪندو هو، سو ڪامياب ٿي ويندو هو. سر غلام حسين ۽ ميان نور محمد وڪيل سندس مدد سان چونڊيا هئا.
پاڻ سنگت جو سچو، وعدي جو پڪو، مهل سر ڪم ايندڙ، خوش خلق ۽ وڏي همت جو صاحب هو. رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جو دوست هو. ميان محمد ڪامل شاهه ٻه شاديون ڪيون، هن کي پهرين شادي مان هڪ فرزند سيد قبول محمد شاهه ۽ ٻيءَ شادي مان سيد عادل شاهه ڄائو.
سيد محمد ڪامل شاهه 17 صفر 1356هه/29 اپريل 1937ع تي وفات ڪئي.


لفظ سيد محمد ڪامل شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.04.29  عيسوي

سيد ڪامل شاهه ولد سيد قبول محمد شاهه، 1874ع ڌاري سعيدپور، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. 17 صفر 1356هه/29 اپريل 1937ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حڪيم محمد امين سومرو
ڀٽي زيب
سارغون اول
عبدالسلام ڊاڪٽر
ٻيڙو فقير ڪنڀار
عبدالقادر انڍڙ
حفيظ قريشي1
جوڻيجو عبدالرحيم
چندر سنگهه راڻو
دهشلا راڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون